اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سا??ونڊي وسيلن جي تحفط ۽ بليو اڪانومي جي فر??غ جي لاءِ خطي ۾ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هندي سمنڊ جي علائقي ۾ سا??ونڊي تعاون جي فر??غ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بليو اڪانومي تعاون تي ٽئين چين – هندي سمنڊ علائقائي فورم کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. فورم جو انعقاد چين جي عالمي ترق??ات?? تعاون ايجنسي چين جي شهر ڪُن مِنگ ۾ ڪيو آهي. صدر چيو ته ماحول??ات?? تبديلي، آلودگي ۽ ماحول??ات?? نظام جي تنزلي جهڙن مسئلن جو حل ڪرڻو پوندو، پاڪستان سا??ونڊي شعبي ۾ تعاون جي فر??غ جي لاءِ سمورين ڌرين سا?? حصيداري جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته اسان جو خطو امن، ترقي ۽ پائيداري جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي، مستقبل جي عالمي معاشي ترقي اوڀرندي ملڪن تي دارومدار ڪندي. آصف علي زرداري چيو ته دنيا جي وڏي آبادي چين ۽ اسان جي خطي جي ٻين ملڪن ۾ رهي ٿي. هن چيو ته سمنڊ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر وڊيو پيغام ۾ هندي سمنڊ ۾ امن، ترقي ۽ پائيداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪ – چين اقتصادي لنگهه تحت گوادر پورٽ کي ترقي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته گوادر پورٽ کي علائقائي رابطن جي مرڪز ۾ بدلايو پيو وڃي، گوادر بندرگاهه سا?? واپار ۽ سا??ونڊي اقتصادي ترقي کي فروغ ملندو. صدر پاڪستان جي بليو اڪانومي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان نيشنل ميري ٽائيم پاليسي متعارف ڪرائي آهي، پاڪستان ۾ پائيدار ماهيگيري، سا??ونڊي تحفظ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. صدر چيو ته ليونگ انڊس پروجيڪٽ جهڙن منصوبن جو مقصد ماحول??ات?? نظام جو تحفظ، آلودگي جو مقابلو ڪرڻو آهي. صدر فورم جي هدفن ۾ پائيدار ترقي اتي ڌيان ڏيڻ تي چين جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته فورم جي ايجنڊا ۾ صلاحيت ۾ اضافو ۽ ٻيٽن جي شموليت خوش آئنده آهي.