اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي با??ي پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت ٻين گڏيل دل??سپ?? جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳت?? کڻي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا ط??قت ترقي کان روڪي نٿي سگهي.