لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي و??ير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ کي بنيادي حق حاصل ??هن، مسيحي برادري جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪرسمس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي و??ير چيو ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ
اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي تحفظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل ??هن. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ
لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. مسيحي اسان جا ڀائر آهن انهن جي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏجي پورو هفتو مسيحي ڀائرن سان ڪرسمس جون خوشيون
ملهائينداسين، گرجاگهرن تي خصوصي طور روشنين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار مسيحي برادري جا ووٽ کڻي
اسيمبلي پهتو آهيان، مون کي ووٽ ڏئي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مسيحي ڀائرن سان ڪيل واعدا
ياد آهن، جلد ترقيا??ي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي و??ير مسيحي
برادري جي علائقن ۾ گرجا گهرن جي تعمير، ??رمت ۽ رنگ روغن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي و??ير عطا الله تارڙ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي
برادري کي مبارڪون ڏنيون.