اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روان?? ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صاف پاڻي ۽ پاڻي ????ير?? جي تحفظ جي حوالي سان رياض ۾ منعقد ون وا??ر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون وا??ر سربراهي اجلاس جو مقصد عالمي سطح تي عالمي تعاون ۽ اعليٰ سطحي سياسي عزم جي ذريعي پاڻي ????ير?? جي بهتر انتظام ۽ تحفظ کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائڻو آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس دوران صاف پاڻي ??ي ذ??ير?? جي بحالي، تحفظ ۽ ان حوالي سان جدت جي موضوع تي خطاب ڪندو. وزيراعظم پاڻي ????ير?? جي تحفظ، ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ جي تياري، پيئڻ جي پاڻي ??ي معيار جي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ آبي حيات جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏن، موسمن ۾ بي وقت تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي پاڻي ????ير?? ۽ آبي حيات تي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي روشني پڻ وجهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي پاڻي وسيلن جي پائيدار ۽ بهتر انتظام جي لاءِ قدمن جي دعوت ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم جون سربراهه اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.