اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو. ڊپٽي وزيراعظم آفيس طرفان ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سا?? جاري بيان ۾ هن سوال ڪيو ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي عزت ۽ وقار سا?? سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف هر ڀيري احتجاج جو سڏ اهڙي وقت تي ڇو ٿي ڏي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن، توڙي اهي 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 -16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ لاءِ دنيا جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ هجي يا اڄ کان شروع ٿيندڙ بيلاروس جي صدر جو دورو هجي، جنهن لاءِ س??دس و??ير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون پهچي چڪيون آهن. مح??د اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو.