ل??هو??- 20 نومبر (اي پي پي) بابا گورو نانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان ??يل سک ياترين گوردواره رهڙڪي صاحب ايمن آباد جو دورو ڪيو. گوردواره رهڙڪي صاحب ۾ رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ ياترين جو جٿو سخت سيڪيورٽي ۾ گذريل ڏينهن ??وردواره ڊيره صاحب ل??هو?? پهچي ويو. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيف الله کوکر ٻڌايو ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطالرحمان ??ي هدايتن مطابق گوردواره ڊيره صاحب ل??هو?? ۾ سک ياترين لاءِ رهائش جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن، گردواره جي عمارت کي چمڪندڙ بتين سان ??وشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته گريٽر اقبال پارڪ ۽ شاهي قلعي جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪل ٽيم هر وقت ياترين سان گڏ موجود آهن ۽ انهن ??ي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سک ياتري گوردواره ڊيره صاحب ل??هو?? ۾ 2 ڏينهن قيام ڪندا، جتي سک ياترين جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق ياتري 23 نومبر تي 10 ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿيڻ تي ڀارت واپس روانو ٿي ويندا.