اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه شگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به شريڪ هو. اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتحال جو جائزو ويو ۽ ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جي فصل جي ڪاٿي جو به جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب ايندڙ پيڙهائي سال ۾ کنڊ جي مجموعي ذخيري جي پوزيشن جو به جائزو ورتو ويو. بورڊ مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سموريون شگر ملون 21 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪنديون. 21 تاريخ تائين پيڙهائي نه ڪندڙ ملن خلاف ڪارروائي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جون سموريون ادائيگيون ??يڙهائي جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيون ??ڃن ۽ جيڪي به ملون آبادگارن جون رهتون ادا نٿيون ڪن انهن کان روانگي واپار جي اجازت واپس وٺندا??ين. راڻا تنوير حسين چيو ته جيستائين روانگي واپار جي پهرين ڪوٽا مڪمل نه ٿيندي و??يڪ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. پڌرائي موجب پي ايس ايم ??ي و??يڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت گهري هئي.