لاهور-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان بيلجيئم جي سف??ر چارلس ايڊ سبالڊوان ??رگراچٽ ڊي رومرز وائل ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي بيلجيئم جي سفير پنجاب جي وزيراعليٰ سان عوام دوست پاليسين جي تعريف ۽ معاشي ويزن کي سا??اه??و. ملاقات دوران ??الهائيندي مريم نواز چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ عالمي معيار جي مهارتن جي ٽريننگ ڏني پئي وڃي. پنجاب ۾ زرعي ش??بي جي طريقي تي خاص ڌيان ??نو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪ- بيلجيئم ٻه طرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ??سون ٿا، ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن کي نين بلندين تائين پهچائيندا، تعليم، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ش??بي ۾ بيلجيئم سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. سف??ر چيو ته بيلجيئم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ۽ـ ماحول جي بهتريءَ لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم تعريف لائق آهن جنهن سان صوبي ۾ ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا.