اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويندو، اهو ڏينهن ڀارتي فوجين جي سرينگر ۾ داخل ٿيڻ جي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي بطور ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪشميري عوام ??ڏهن به پنهنجي سرزمين تي ڀارتي قبض?? ۽ ??ودمختياري جي حق کان مسلسل انڪار کي قبول ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته ڪشميرين جون ڏهاڪن جي قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنجي حقن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جون امنگون زندهه آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارت?? ۽ ??خلاقي ح??اي?? جاري رکندو.