اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مش??رڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت مش??رڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارتي اجلاس ۾ دولت مش??رڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار معاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت مش??رڪه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترج??ان چيو ته نائب وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت مش??رڪه جي مل??ن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي مل?? ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر مل??ن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت مش??رڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏيهي وزير اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وزير ايناٿانڊي م??را??ا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وزير، ٽوگو جي واپار واري وزير ۽ دولت مش??رڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.