اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي قومي ڏينهن تي چيني ??يا??ت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه صدر شي جن پنگ جي ولولا انگيز ??يا??ت ۾ چين غيرمعمولي ترقي جا هدف حاصل ڪيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر آهن، اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري وقت سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي جي فليگ شپ پراجيڪٽ (سي پيڪ) جي مڪمل ڪامياب?? لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان چين سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي ج?? لاءِ پنهنج?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا.