اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي ارسا ميمبرن کي گهرائڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سدا??ين کان ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، ارسا جي ح??ال?? سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پاڻي جي ڊائيورزن جي فيصلي جي ح??ال?? سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سدا??ين ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ارسا جي ح??ال?? سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا آهن، اسيمبلي ميمبر ها??ين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سان اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته ارسا جي ميمبرن ۽ صوبائي نمائندن کي خصوصي طور تي گهرايو وڃي ته جيئن تفصيلي بريفنگ ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي چيو آهي ته جن اسيمبلي ميمبرن اهو معاملو اٿاريو آهي انهن کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي ميمبرن کي به گهرايو ويندو جڏهن ته جيڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا نالا ڏين ته جيئن انهن کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر محمد احمد چٺا جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضلعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان ح??ال?? سان ه?? ممڪن قدم کنيا ويندا.