ڪراچي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ ??سڪ??ل وين تي فائرنگ جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن شاگردياڻين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. بلاول هائوس ج?? ميڊيا س??ل مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته معصوم جانين جي شهادت جي خبر ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته شاگردن جي رت ۾ رڱيل هٿ وحشين جا آهن جن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد شاگردن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظ??ار ڪندي چيو ته مون سميت پورو پاڪستان متاثر خاندانن سان گڏ آهي، الله تعاليٰ کين صبر عطا فرمائي.