اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غ??رق??نوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊه ۾ ڀارتي فوجين جي هٿان چار ڪشميري ن??جوانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض عملدارن جي اها وحشياڻي ڪارروائي ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي غ??رق??نوني ۽ جابراڻي ڪاررواين جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها ڀارت کي پنهنجي غ??رق??نوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ج?? لاءِ جوابده قرار ڏيڻ ج?? لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم ک??ي ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي تحفظ ج?? لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفا??ي ۽ پرامن حلج?? لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.