لاهور – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري گلوڪار نصرت فتح علي خان جي 27 هين ورسي 16 آ??سٽ تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي حلقن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ نصرت فتح علي خان جي فني خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948 تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد فتح علي خان ۽ چاچو استاد مبارڪ علي خان پن??نج?? دور جا مشهور قو??ل هئا. نصرت فتح علي خان قوال طور دم مست قلندر مست مست سان ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي. هن قوالي جي صنف ۾ اولهه جو انداز متعارف ڪرايو جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڀررپور پذيرائ?? حاصل ٿي. نصرت فتح علي خان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهور هو، سندس وفات سان گلوڪاري جي ميدان ۾ پيدا ٿيل خال سالن تائين ڀرجي نه سگهندو.