اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده کان وطن واپس روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي سعودي پرڏيهي وزارت جي وزير فريد الخريم، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ??حم?? فاروق ۽ جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل خالد مجيد ک??س الوداع ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ??ائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسلامي تعاون ت??ظيم (او آءِ سي) جي ڪجهه ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.