اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪ??مت ۽ عوام پاران تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪ??متن ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب جاري پيغام ۾ ??ائ?? وزيراعظم چيو ته آئون ان موقعي تي سي??ري??ري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن کي سندس مثالي قيادت ۽ آسيان ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته هي ڏينهن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ تعاون جي پائيدار جذبي جي ع??امت آهي، آسيان جي دوستن سان گڏجي ان سنگ ميل کي ملهائڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) علائقائي انضمام ۽ گڏيل اڳڀرائي جي نموني طور تي بيٺل آهي جيڪو اقتصادي ترقي، سماجي هم آهنگي ۽ سفارتي مشغوليت ۾ نمايان ڪاميابين جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ايشيا پيسفڪ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ ۾ آسيان جي اهم ڪردار جو احترام ??ري??ن ٿا. آسيان جو ڏينهن نه رڳو اسان کي ع??ائقائي تعاون جي اهميت کي ياد ڏياري ٿو پر خطي جي ڀرپور ثقافتي تاريخي ورثي کي اجاگر ڪري ٿو. ??ائ?? وزيراعظم چيو ته آسيان سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل احترام، عدم مداخلت ۽ تعميري مشغوليت جي اصولن جي لاءِ گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. اسان آسيان ڊائيلاگ مڪينزم ۾ هڪ فعال پارٽنر رهيا آهيون ۽ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جهڙن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته آسيان سان اسان جو تعاون آسيان علائقائي فورم (اي آر ايف) ۾ اسان جي فعال شرڪت جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيو. پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال خطي جي ڳولا ۾ آسيان سان پنهنجي حصيداري وڌائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اچو ان موقعي کي پنهنجي گڏيل ڪاميابي تي غور ڪرڻ ۽ آسيان جي مشن جي رهنمائي ڪندڙ اصولن جي لاءِ پنهنجي وابستگي جي تجديد ??ري??ن. ??ائ?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان آسيان جي ويزن جي حمايت ۾ ثابت قدم آهي ۽ ان جي جاري ڪاميابين ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جا منتظر آهيون.