آستانه – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس سي او) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ??زاقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ موجود عالمي ا??وا??ن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ علائق??ئي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر صدير جاپاروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين ا??وا??ن سان گڏ اجلاس جي پڄاڻي تي گهڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان جا??ي ٿيندڙ پڌرنامي تي صحيحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪي، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻين مُلڪن جي ا??وا??ن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.