اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفه??ست آ??ي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آ??ي، برطانيا سان دوستي تي پاڪستان کي فخر آ??ي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پاڪستان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته برطانيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي سان برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفه??ست آ??ي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو ملڪه برطانيا جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آ??ي، ملڪه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دولت مشترڪه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آه??. تقريب کي پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.