انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، تر?? سيڙپڪار ان مان فائدو کڻن، حڪومت هر ممڪن سهولت فرهام ڪندي، خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ فڪر تازا ۽ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا رشتا هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي زبان ڌار، پر ثقافت هڪ ئي آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪ عوام زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. هن ??يو ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ۽ روس – يوڪرين جنگ جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو منهن ??سڻو پيو آهي، وزير??عظ?? چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته تر?? سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن ٻنهي ملڪن جي ڪارسازي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ??ي شعبي ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. هن ??يو ته سندس حڪومت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ??يڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪستان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، توانائي ??ي شعبي ۾ تر?? سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڊيمز ??ي شعبي ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، وزير??عظ?? چيو ته پن بجلي سان 40 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، تر?? سيڙپڪارن کي ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، وزير??عظ?? جديد ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدت ۽ فڪر جي اهميت جي اجاگر ڪندي چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي نئين سوچ، جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻينديون آهن، هن ??يو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، انهن ??ي جيڪڏهن جديد مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. هن ??يو ته آءِ ٽي ??ي شبعي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، وزير??عظ?? ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪوم?? سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ آيل سڀئي رڪاوٽون ختم ڪندي ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ چوڌري سالڪ حسين سميت پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.