اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جم??ور??ت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ?? بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا ??سعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مولانا ??بدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مولانا ??بدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سين??ٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جم??ور??ت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.