ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو ج?? پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنج??، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي ڪل ڊيگهه 700 ڪلو??يٽ?? آهي. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي 330 ڪلو??يٽ?? حصي خضدار ڪچلاڪ کي نئين سر تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي تي 37 پليون ۽ هڪ هزار ڪلورٽس ٺاهيا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. رستي جي تعمير سان 5 ه??ار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.