اسلام ??باد – 07 – مارچ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي ا??پيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڏک جي ان ??هڙ?? ۾ هو ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قومي ا??يمبلي جي ڊپٽي ا??پيڪر قاسم خان سوري به اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.