اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت?? کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، اسلام وراثت ۾ عورت?? کي حق ڏنا آهن، عورتن جي تعليم جي حوالي سان احساس پروگرام انتهائي موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عورتون آءِ ٽي جي ذريعي گهر ويٺي روزگار ڪمائي رهيون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار صنفي برابري جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ??ڪس??يم پاڪستان ڪيو هو جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن، ??ڪس??يم جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي نمائندن تي زور ڏنو ته اهي صنفي برابري ۽ عورت?? کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عورتن جي رهنمائي ڪن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عورت?? کي گهر ويٺي بااختيار بڻايو آهي ۽ اهي پاڻ روزگار ڪمائي رهيون آهن. صدر چيو ته عورت?? کي وراثت سميت انهن جا حق ڏيڻ جي لاءِ معاشري ۾ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، حڪومت احساس پروگرام ۾ عورت?? کي معاشي طور تي مضبوط بنائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. صدر چيو ته تعليم کانسواءِ عورتن جي ترقي ممڪن نه آهي، بئنڪون عورت?? کي ڪاروبار جي لاءِ 10 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏئي رهيون آهن، ملڪ ۾ عورت?? کي بنيادي سطح ۽ اسيمبلين ?? نمائندگي حاصل آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليت?? کي مذهب جي نالي تي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسلام برابري جو درس ڏي ٿو، اسلام ڪنهن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي.