اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري مريءَ ۾ سخت برفباري جي ڪري سياحن جي فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هنن فوت ٿيندڙ سياحن جي خاندانن سان ??مدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ??ه ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر فوت ٿيندڙ سياحن جي در??ن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن ??ي ان ??اقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ حوصلو ۽ همت عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي. هنن لاڳاپيل عملدارن کي ڦاٿل سياحن کي فوري طور تي ريسڪيو ڪري محفوظ جاين تائين پهچائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.