اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته قائداعظم محمد عل?? جناح جي پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جي ٻڌايل اصولن کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن، عز?? ۽ ??يرمعمولي ڪردار جي ??ري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. صدر عارف عل??ي قائداعظم جي 145 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي اهم اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي نظ?? ۽ ??بط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط ملڪ بڻائينداسين، پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد عل?? جناح کي خراج تحسين پيش ??ري ٿي.