اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خان پرڏيهي وزارت ۾ مل??قات ڪئي، سردار اظهر طارق گذريل ٻن سالن دوران کنيل سفارتي قدمن، رابطن جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سفارتخاني جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي مفيد بريفنگ ڏني.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، جڏهن ته پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد ڪرغزستان ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو،
ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خصوصي هدايتن تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.