اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ا?? جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪرائي آهي ته افغانستا?? جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان ۾ ام?? جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ ل??ءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته اسان کي به اهڙي طرح خاطري ڪرائي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبا?? جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپ?? جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن شرط بابت پاڪستا?? جي موقف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پاڪستان ل??ءِ به اها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون کي اميد آهي ته افغانستا?? جي نئين حڪومت پاڪستان سان به اهڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگرد?? جي روڪٿام بابت هن چيو ته پاڪستان افغانستا?? جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان کي افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪ?? جي مشاورت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين اسان کي ان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو ??هي. طالبان جو پاڪستا?? جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي اسان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت سان امن يقيني بڻائڻو ??هي. هن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا افغانستان ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال جي نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته افغانستا?? جي صورتحال جي ل??ءِ پاڪستان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي ل??ءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پاڪستا?? جي ڪردار بابت صدر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ام?? جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ ل??ءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغانستان کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. افغانستان ۾ ام?? جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد ل??ءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پاڪستا?? جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به صلاحيتن مان فائدي ل??ءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستا?? جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ??ڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.