اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي پوليو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فري بڻائي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پوليو کي ب?? شڪست ڏيڻي آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو، اج??اس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي شاهه، محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊا??ٽر فيصل سلطان، ڊا??ٽر شهباز گل، پاڪستان آرمي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صوبائي چيف سيڪريٽريز، صحت واري وزارت ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اج??اس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حۡڪومتن جي موثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري ملڪ ۾ بلوچستان مان صرف هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي ڪري پوليو جي روڪٿام واري مهم سستي جو شڪار ٿي، اج??اس کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پوليو وائرس جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، اهو ٻڌايو ويو ته پهچ، سيڪيورٽي۽ والدين جي عد?? تعاون جي سببن جي ب??ياد تي مهم ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا آهن، اج??اس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ جاگرافيائي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پيو وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي پوليو نگراني ب??رڊ جي صدر ڊا??ٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزير??عظ?? کي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.