اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ ق??م کڻي، فلسطين مسئلي جو حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسطين جي سفارتخاني ويو ۽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چ??و ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اسرائيلي فورسز جي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، معصوم ??لسطينن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، غير قانوني آبادي ڪاري ۽ قبضو، فلسطينين جي زبردستي بي دخلي انساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. سينيٽ چيئرمين چ??و ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آهي، فلسين جي مسئلي جو حل سڄي دنيا ۽ خاص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، انساني حقن جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسطين جي مسئلي کي سنجيده وٺندي جلد کان جلد بهتري لاءِ ق??م کڻن. هن چ??و ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ ق??م کڻي. فلسطين مسئلي جو حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، هن چ??و ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀ??ئرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، پوري ملڪ ۾ يوم ??ڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.