اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحري معاملن واري وزارت تي ملڪي ماهيگيري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطرا ??رپ??ش آهن، پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير قانوني ۽ ضابطي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اطهار هن هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي اونهين پاڻي ۾ ماهيگيري جي تجويز ڪيل پاليس?? تي بريفنگ ڏني. ان موقع?? تي بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، بحري معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بحري معاملن واري وزارت ملڪي ماهيگري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي. گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطرا ??رپ??ش آهن، هن چيو ته پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير قانوني ۽ ضابطي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ماهيگيري جي شعبي جي ترقي جو مقصد پرڏيهي ناڻو ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.