ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي خ??اف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آ??ي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آ??ي، وڏن و??ن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آ??ي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي خ??اف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آ??ي، قبضا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.