اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام سان عالمي ??را??ري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهي?? آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي م??صدن جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اختلافن جي باوجود ڪشمير مسئلي تي اسان جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسان جي م??زل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.