لنڊن – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن ۽ شاهي خاندانن جي ميمبرن سا?? ويسٽ منسٽر ايبي ۾ آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم خصوصي طور تي ڪوئين ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي لاءِ لنڊن پهتو هو جيڪا 8 سيپٽمبر تي 96 سا??ن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. سڄي دنيا مان 500 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا ملڪه جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا جن ۾ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن، چين جي نائب صدر وانگ ڪشان، جاپان جي شهنشاهه ناروهيٽو، اردن جي شاهه عبدالله، بيلجيم جي ڪنڪ فلپ ۽ ڪوئين ميٿلڊي سا?? گڏوگڏ شاهي خاندان جي 2 هزار کان وڌيڪ ميمبرن شرڪت ڪئي. ڪوئين ايلزبيٿ کي سرڪاري اعزاز سا?? ونڊسر ڪيسل ڪنگ جارج ڇهه ميموريل چيپل ۾ پنهنجي مرحوم مڙس سا?? شاهي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته آنجهاني ملڪه د??لت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي شهرين جي نسلن لاءِ طاقت جو ذريعو هئي، پاڪستان جي عوام ملڪه ايلزبيٿ جي پاڪستان جي 2 دورن کي ياد رکندي، پاڪستاني عوام ۽ برطانوي شاهي خاندان جي وچ ۾ لاڳاپا و??ت سا?? گڏ مضبوط ٿيا آهن.