اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ واري پاڻي بلوچستان، ??نڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. ٻوڏ متاثرن کي فوري خوراڪ، طبي امداد ۽ خشڪ راشن جي سخت ضرورت آهي،. پاڪ فصائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ريسڪيو ۽ رليف جي عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خو??اڪ ۽ طبي سامان پهچائڻ ۾ به سرگرم عمل آهن. مسلسل خو??اڪ ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ فلڊ رليف ڪيمپ ۽ سيف ٽينٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ٽيمن 26125 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 1000 پاڻي جون بوتلون، ??نيادي کاڌي پتي جي شين تي ٻڌل 2475 خشڪ راشن جا پيڪٽ ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا آهن ان سان گڏ 1437 خيما لڳايا ويا آهن جيڪي 11720 ماڻهن کي امداد فراهم ڪري ر??يا آهن، ??ڏهن ته مفت خو??اڪ ۽ رهائش کانسواءِ پاڪ فضائيه ج??ن ميڊيڪل ٽيمون فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 2810 مر??ضن جو طبي معائنو به ڪيو.