اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وز??راعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ ??بب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين ??ي سفير نونگ رونگ چين جي صدر ۽ وز??راعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وز??راعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وز??راعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته سدائين وانگر چين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وز??راعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ چين ??ي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي س??مان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين ??ي سف??ر جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين ??ي سفير نونگ رونگ چين جي قيادت جي فيصلي س??ن پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.