اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي (وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين خاص طور تي گوادر فري زون ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين ??ي مسئل?? جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري بابت ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ??ي موقعي تي ڪيو.اجلاس ۾ وفاق?? وزير مفتاح اسماعيل، چوڌري سالڪ حُسين، احسن اقبال، خاص معاون طارق فاطمي ظفرالدين محمود ۽ ٻين لاڳاپيل ادار?? جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم ڪميٽي کي ڏهن ڏينهن اندر رپورٽ ۽ سفارشون پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته چيني سيڙپڪار ڪمپنين کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، چيني پورهيت?? جي ويزا حاصل ڪر?? جي عمل ۾ ايندڙ سڀني رڪاوٽن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، چيني پورهيت?? جي ويزا ۾ سي پيڪ ۽ ٻين ڪمپني?? جي پورهيت?? جي فرق کي ختم ڪري ويزا جي طريقي کي آسان ۽ تيز بڻايو وڃي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي، انفرااسٽرڪچر، ريلوي، پورٽ انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپني?? جي باري ۾ تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ فوري طور هڪ کان 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، ان کانسواءِ انهن منصوبن سان نه رڳو 45 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر پاڪستان EASE OF DOING BUSINESS INDEX ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم فوري طور تي انهن منصوبن تي سيڙپڪاري بورڊ، منصوبابندي وار?? وزارت ۽ ناڻي وار?? وزارت جي گڏيل تعاون سان هڪ جامع منصوبو جوڙڻ جي هدايت جاري ڪئي.