??يد??آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ??يد??آباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد فواد غفار سومرو ۽ ايڊيشنل ڪمشنر ون ??يد??آباد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ ??يد??آباد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پڄاڻي تي پهتي. واڪ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد فواد غفار سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ڀائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ته هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي جيڪو بيگناهه ڪشميري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم ت??ئي?? ڀارت جي اهڙي ناروا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد فواد غفار سومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين کي ڀارت جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ملندو، اس??ن بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪمشنر هيڊڪوارٽر ڪمشنر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل س??ڪر??ٽري محمد ياسين آر??ئي??، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل س??ڪر??ٽري سيد فهيم الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.