اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي ايران روانو ٿي ويو آهي. کيس دوري جي دعوت اير??ني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پن??نجي اير??ني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير پن??نجي اير??ني هم منصب سان گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ايران جي پن??نجي پهر??ن دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري اير??ني صدر سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳاله??ن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذ??ئي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائق??ئي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو. خاص طور تي افغان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گ??وگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گ??يل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان جڙيل آهن.