ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيرا??ظم جي آجيان ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مو??ب وزيرا??ظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو. وزيرا??ظم شهباز شريف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ڪندو، وزيرا??ظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ڪندو ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي وزيرا??ظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطاب ڪندو، ان کانپوءِ وزيرا??ظم چيني ڪمپن??ن جي وفد سان ??لا??ات ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندو.