اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمع?? علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ??لڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ پيش ڪيل ملڪي معيشت جي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪابينا جي گڏجي ملڪ کي انهن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ جي عزم کي ملڪ جي تر??ي ۽ خوشحالي جي لاءِ خوش آئنده ??رار ڏنو.