اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪ??تا?? ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت پاران سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽوئيٽ تي سندس ٿور?? مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي ??ڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪ??تا??ين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادا ڪيل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ان حوالي سان موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ تعيلم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿور?? مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.