بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو امن ۽ ??ست??ڪام افغانستان ۾ ??ست??ڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي افغانستان ۾ ??ست??ڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته اهو پ??ڪس??ان ۽ چين کي افغان عملدارن سان پنهنجي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پ??ڪس??ان ۽ چين ٻنهي کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي لاءِ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ ??ست??ڪام جي واپسي جو پ??ڪس??ان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو امن ۽ ??ست??ڪام افغانستان ۾ ??ست??ڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي ف??وغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ ??ست??ڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس افعانستان جي حمايت ۾ عالمي برا??ري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقعو هو. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان عالمي برا??ري خاص طور پاڙيسرين پاران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي افغان عملدارن ۽ عالمي برا??ري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالمي برا??ري رابطن جي اڳين مرحلي ۾ افغان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چيو ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عملدارن جي تازي فيصلي تي عالمي برا??ري جي ڳڻتي ف??ول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ عالمي برا??ري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پ??ڪس??ان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پ??ڪس??ان، عالمي برا??ري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي به غور ڪ??، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ امن ۽ ??ست??ڪام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته افغان عملدار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون ??ست??مال ۾ آڻيندا رهندا.