ڪراچي – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بئنڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي رقم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، بئنڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن، بئنڪون صارفين جي شڪ??يت?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪنگ جي طريقيڪار بابت آگاهي ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ، مسلم ڪمرشل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ لميٽيد، فيصل بئنڪ لميٽيد، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، سونهري بئنڪ لميٽيڊ، خيبر بئنڪ لميٽيڊ، دبئي بئنڪ اسلامي، ميزان اسلامڪ بئنڪ ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ تبديلين، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سائبر ڪرائيسز جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صدر ??ي بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ۽ بنيادي سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ عورتن سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پ??ل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائڻ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بئنڪن صارفين جي شڪ??يت?? جو فوري ازالو ڪرڻ جيل اءِ پنهنجي نظام کي بهتر ڪيو آهي. رو??يت?? بئنڪنگ سسٽم جي مقابلي ۾ ڊيجيٽل بئنڪنگ ۾ شڪ??يت?? جو انگ گهٽ آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران موبائيل بئنڪنگ ۾ گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. انهي عرصي ۾ انٽرنيٽ بئنڪنگ ۾ 31 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد پنهنجي اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پڻ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي رقم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، دير، غيرضروري قانوني ڪيسن، وقت ۽ پئسي جي زيان کان بچڻ لاءِ بئنڪ صارفين جي شڪ??يت?? کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. هن چيو ته بئنڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن بئنڪون صارفين جي شڪ??يت?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪنگ جي طريقيڪار بابت آگاهي ڏني وڃي. صدر ??يو ته بئنڪنگ محتسب، بئنڪنگ ڪورٽس ۽ ايوان صدر تي ڪيسز جو با?? گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بئنڪون شڪ??يت??ن پاڻ حل ڪن، بئنڪون صارفين جي مفادن کي موثر طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اندروني ڪنٽرول جي نظام کي مضبوط ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪون اليڪٽرانڪ فراڊ ۽ سائبر ڪرائيمز کي روڪڻ جي لاءِ وفاقي جاچ ايجنسي جي سائبر ڪرائيم سيل ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. صدر عورتن جي مالي شموليت جي لاءِ بئنڪن جي قدمن کي ساراهيو.