اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي ??نع??د ٿيندڙ قومي اس??مب??ي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي ??نع??د ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.