لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فور ٽريس اسٽيڊيم لاهور ۾ نيشنل هارس ??ين?? ڪيٽل شو جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، عسڪري قيادت، صوبائي وزير ميان محمود الرشيد ۽ سردار حسنين دريشڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. اهو ٽن ڏينهن جو ميگا ايونٽ 12 مارچ تائين جاري رهندو. اهو شو سڀ کان اهم سماجي ۽ ثقافتي پروگرام آهي ۽ پنجاب کي آغاز کان ئي ان جي ميزباني جو اعزاز حاصل رهيو آهي. اها تقريب معاشري جي مختلف طبقن ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو شاندار اظهار آهي. 6 سالن کانپوءِ منعقد ٿيندڙ هارس ??ين?? ڪيٽل شو ۽ ان جي بحالي پنجاب حڪومت جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، راندين، صنعتن، دستڪاري ۽ ثقافت وغيره کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شامل آهي، ??يشنل هارس ??ين?? ڪيٽل شو 2022ع جي اهم پروگرامن ۾ گهوڙن ۽ اٺن جو رقص، ٽينٽ پيگنگ، جانورن جا مقابلا، گهوڙي سواري، جمپنگ، ملٽري پوليس پاران موٽرسائيڪل تي ايڪرو بيٽڪ اسٽنٽ، گري هائون??ز ريس، ڇٽي بردارن جو فري فال، جانورن جي نمائش ۽ صوبائي رانديگرن جو مارچ پاسٽ به ان ايونٽ جو حصو آهي، ??نجاب جي وڏو وزير صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيشنل هارس ??ين?? ڪيٽل شو جو سووينئر پيش ??يو?? ان کانپوءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ انعام به ورهايا ويا، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صوبائي حڪومت کي ان ميگا ايونٽ جي انعقاد ۾ پاڪ فوج جو تعاون به حاصل آهي.