بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته و??يراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته و??يراعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزيراعظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حو??لي سان چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي ??ور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حو??لي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حو??لي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??يراعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين ??ي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن ??ي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته و??يراعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقات ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته و??يراعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪندو، صدر شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حو??لي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حو??لي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.