ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪ?? ناهي ٿيو، حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪوارٽرز بابت گورن?? هائوس سنڌ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، گهر ڪمزور ۽ وچول?? طبقي جي بنيادي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪ?? نه ٿيو. هن چيو ته حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي جي قابل عمل حل تي هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۽ وفاق?? ڪابينا کي ساراهيو. صدر کي گذريل اجلاسن جي دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀر??ئي کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي عملدارن به شرڪت ڪئي.