اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شفاف توانائي جي قدمن سا?? ايوان صدر ۾ توانائي جي 50 سيڪڙو بچت ڪئي وئي، سرسبز ايوان صدر جي لاءِ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي وئي، ايوان صدر کي آئي ايس او 50001 جي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ٿي وئي اهي، ايوان صدر ??ني?? جي پهرين پريزيڊنسي آهي جنهن کي ماحول دوست سرٽيفڪيشن حاصل ٿيو آهي. ايوان صدر پاران ڊاڪٽر عارف علوي جي ماحول دوست قدمن تي دستاويزي فلم جاري ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي حوالي ??ان موثر قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ايوان صدر ۾ 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو شمسي توانائي جو منصوبو لڳايو ويو آهي. ايوان صدر ??ني?? جي پهرين پريزيڊنسي آهي جنهن کي آئي ايس او 50001 اي اي?? ايم ايس جي عالمي سرٽيفڪيشن جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. جيڪو مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ايوان صدر ۾ گرين پريزيڊنسي قدمن کي حاصل ڪرڻ جي ڊاڪيوم??نٽ??ي شيئر ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايوان صدر ??ني?? جي پهرين پريزيڊنسي آهي جيڪا مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿي ۽ ان کي آئي ايس او 50001 اي اي?? ايم ايس جو عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. صدر ايوان صدر جي ڊاڪيوم??نٽ??ي شيئر ڪندي لکيو ته گرين پريزيڊنسي جا قدم ڊاڪيوم??نٽ??ي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن قدمن ??ان سال 21 – 2019ع ۾ ايوان صدر ۾ توانائي جي 35 سيڪڙو بچت ٿي آهي ?? 2022ع تائين توانائي جي 50 سيڪڙو بچت جو ڪاٿو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان فائدو ۽ بجلي جي بچت 31 لک 54 هزار 750 ڪي ڊبليو ايڇ آهي، جنهن جي ماليت 72.5 ملين رپيا آهي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گرين پريزيڊنسي قدمن، توانائي جي بچت ۽ شفاف توانائي جي پيداوار ??ان گرين هائوسز گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ 3144 ٽن جي گهٽتائي ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ هڪ لک 42 هزار 908 وڻ پڻ لڳايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ توانائي جي بچت ۽ وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي سلسلي ۾ موثر حڪمت عملي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شمسي توانائي ??ان ساليانو 1.4 ملين يونٽ گرين بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ 1404 ٽن جي گهٽتائي ??ان گڏوگڏ ناڻي جي ساليانو 32.2 رپين جي بچت پڻ ٿيندي.