گڏيل قومون – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت خصوصي پ??رلياماني ڪميٽ?? جي چيئرمين شهريار آفريدي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هيومن رائيٽس واچ جي عالمي اداري ”ايڇ آر ڊبليو“ جي ڊائريڪٽر لوئيس چاربونيو کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي، اهو ادارو ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورزين خاص طور تي نئين دهل?? جي تڪراري علائق?? جي الحاق کانپوءِ تنقيدي رپورٽون جاري ڪري چڪو آهي، شهريار آفريدي انساني حقن جي ڪار??نن ۽ تنظيمن سان ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بي وس ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ بربريت جي خلاف ڳالهه ٻو??هه ڪندو.